اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته اسان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهيون ۽ بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ اسلام آباد جي جلسي جي اين او سي معطل ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جو وڪيل شعيب شاهين ۽ ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران شعيب شاهين چيو ته اسان کي جيڪو امڪان هو اسان سان اهوئي ٿيو آهي، اسان کي جلسي جي اجازت ڏني وئي پر آخري ڏينهن اين او سي کي معطل ڪئي وئي، انتظاميه پي ٽي آءِ کي 22 آگسٽ تي جلسي جو حلفي بيان عدالت ۾ ڏنو هو. جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا جلسي جي اين او سي امن امان جي صورتحال سبب معطل ڪئي وئي؟ اسان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهيون، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته آخري رات ئي اين او سي معطل ڪرڻ جو ڇو ٻڌائيندا آهيو؟ هي ماڻهو هڪ پارٽي جا سپورٽر آهن پر انهي کان پهرين انسان ۽ پاڪستان جا شهري آهن، ماڻهو پري پري جي علائقن مان نڪري چڪا هوندا آهن، بعد ۾ خبر پوندي آهي ته جلسو ملتوي ٿي ويو آهي. عدالت چيو ته اوهان پهريان ٻڌائيندا ڪريو ته سيڪيورٽي خدشا آهن 20-25 هزار ماڻهو جيڪي اچي رهيا آهن انهن جي حياتين کي خطرو آهي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته انهن جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو، ضلعي انتظاميه پي ٽي آءِ کي جلسي جي ٻيهر اجازت به ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته سمورو اسلام آباد بند آهي، هر طرف ڪنٽينرز ئي ڪنٽينرز آهن ان جو سبب ڇا آهي؟ محرم ٿي ويو، ختم نبوت وارا اچي ويا آهن، هاڻ اڳيان ڇا ٿيڻو آهي اهو به ٻڌائي ڇڏيندو، ڇا اوهان کي اهو بهتر لڳندو ته ڪمشنر کي گهرائي شوڪاز نوٽيس جاري ڪريون. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ جي جلسي تائين درخواست کي ٻڌڻي هيٺ رکندي ڪيس جي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.