اسان ڪڏهن به ان جي اجارداري قبول نه ڪنداسين : فيلڊ مارشل عاصم منير

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست آهي، اسان ڀارت کي واضح پيغام ٿا ڏيون ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت جي اجارداري قبول نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪندو. آءِ ايس پي آر موجب، 52 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي وچ ۾ مضبوط تعلق ضروري آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته دهشتگردي هندستان جو اندروني مسئلو آهي، جيڪو ان جي اقليتن، خاص طور تي مسلمانن سان تعصب ۽ ظالماڻن روين جو نتيجو آهي.