تفصيلن موجب، استحڪام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات فردوس عاشق اعوان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو. مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات پنهنجي استعيفيٰ صدر آئی پي پي عبدالعليم خان کي موڪلي ڏني آهي. آئی پي پي جي رهبر جو چوڻ هو ته ذاتي مصروفيات ۽ صحت جي مسئلن جي ڪري عهدي تي ڪم جاري نه رکي سگھي ٿي، تنهن هوندي به استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبر طور پنهنجون خدمتون جاري رکندي.خيال رهي، فردوس عاشق استحڪام پاکستان پارٽي ۾ سيڪريٽري اطلاعات رهي هئي. ياد رهي ته ڊاڪٽر فردوس عاشق ٻن ڏهين سالن تي مشتمل هڪ وسيع سياسي ڪيريئر سان هڪ تجربوڪار سياستدان آهن، آئی پي پي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ، هن ڪيترن ئي اهم سياسي جماعتن ۾ اهم ڪردارن ۾ خدمتون انجام ڏنيون. هن پنهنجي سياسي سفر جو آغاز پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) کان ڪيو ۽ 2008 کان 2011 تائين وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ وفاقي وزير براءِ آبادي بہبود طور خدمات انجام ڏنيون. سال 2011 ۾ هن پيپلز پارٽي کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۾ شامل ٿي، جتي هن وزيراعظم جي معاون خصوصي براءِ اطلاعات و نشريات جو اهم قلمدان سنڀاليو. پي ٽي آءِ کان علحدگيءَ کانپوءِ، ڊاڪٽر اعوان استحڪام پاکستان پارٽي سان اتحاد ڪيو، جتي انهن کي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري جو ڪردار سونپيو ويو.