اسحاق ڊار جيئڻ جنجال ڪندڙ مهانگائي جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد: ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار ملڪ ۾ بي قابو مهانگائي جو اعتراف ڪيو آهي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏنو ته ننڍي مالياتي بل جي حوالي سان ميمبرن جي مشورن کي ساراهيون ٿا پر ننڍو مالياتي بل مجبوري جي ڪري آڻڻو پيو، مان ايوان جو ننڍي مالياتي بل تي بحت ۾ حصو وٺڻ تي ٿورائتو آهيان.هن چيو ته معزز ميمبرن جي بجيٽ مشورن تي غور ڪيو آهي، اسان کي به ٽيڪس هڻڻ جو ڪوبه شوق ناهي، ڪوشش ڪيون پيا ته واڌو ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ رکون.اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته 3 هزار ارب جي بجلي ٺاهيون ٿا پر رڳو 1500 پنجاهه ارب رپيا ئي گڏ پيا ٿين، پاور سيڪٽر کي بجلي جي چوري، لائين جي نقصانن جهڙي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومت ايف بي آر جو ساليانو ٽيڪس هدف پورو ڪندي.هن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ ۾ مهانگائي بي قابو آهي، پر ڇا اهو سڀ ڪجهه چئن مهينن ۾ ٿيو آهي؟ پوئين حڪومتي دور ۾ پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري انکي ختم ڪيو ويو.ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته حڪومت معاشي استحڪام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اسان 10 ڏينهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف کي 100 ستر ارب جي ٽيڪس تي راضي ڪيو، گذريل حڪومت معاشي ضابطا ٽوڙيا.سندس چوڻ هو ته عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿي ته آءِ ايم ايف معاهدي تان پوئتي هٽي وئي، بي آءِ ايس پي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون، هاڻي بي آءِ ايس پي جي بجيٽ 300 سٺ ارب مان وڌائي 400 ارب رپيا ڪري رهيا آهيون.اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومتي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو وزيراعظم ايوان ۾ پيش ڪندو.