اسد عمر، علي اعواڻ ۽ راجا خرم جي استعيفائن جي منظوري وارو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد :هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي راڄڌاني مان چونڊيل ميمبرن اسد عمر، عمر علي اعواڻ ۽ راجا خرم نواز جي قومي اسيمبلي مان استعيفائن جي منظوري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي اسلام آباد مان چونڊيل ايم اين ايز راجا ختم شهزاد نواز، اسد عمر ۽ علي نواز اعواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست گذارن طرفان بيئرسٽر علي ظفر ۽ بيئرسٽر علي گور عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته پهريان اوهان چئي رهيا هئا ته استعيفيٰ منظور نٿي ڪئي وڃي ۽ هاڻي اوهان چئو پيا ته غلط منظور ڪئي وئي.ان تي بيئرسٽر علي ظفر چيو ته اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان رڳو انهن نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو اهي؟ جنهن تي علي ظفر چيو ته اسان واپس اسيمبلي وڃڻ چاهيون ٿا، لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب سان واسطو رکندڙ مميبرن جي استعيفائن بابت نوٽيفڪيشن معطل ڪيو آهي، اسلام آباد جي ٽن ميمبرن جي حد تائين اسان هتي رابطو ڪيو، قومي اسيمبلي جي ميمبرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻه درخواستون به ٻڌڻي هيٺ آهن.وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو نوٽيفڪيشن ۽ اسلام آباد ۾ ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ڌرين کي جواب لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.