اسد قيصر جو مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو، اهم معاملن تي صلاح مشورا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ۽ ايندڙ هفتي ملاقات جي حوالي سان صلاح مشورا پڻ ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ  رابطي ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي اڳواڻن ايندڙ هفتي ملاقات جي حوالي سان مشاورت به ڪئي. انهي موقعي تي اسد قيصر چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ايندڙ هفتي ملاقات ٿيندي جنهن ۾ وڌيڪ سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون به ڪنداسين. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي سومر يا اڱاري تي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ اپوزيشن الائنس جوڙڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. ذريعن موجب ملاقات ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو پيغام به جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تائين پهچايو ويندو.