اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطين جي حمايت ۾ لنڊن ۾ وڏو احتجاجي مظاهرو

لنڊن ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطين جي حمايت ۾ هڪ وڏو مظاهر ڪيو ويو آهي احتجاجي مظاهري ۾ فلسطيني جهنڊا کڻي مظاهرين اسرائيل دهشتگرد رياست آهي ۽ فلسطين کي آزاد ڪريو جا زوردار نعرا لڳايا مظاهرين غزه ۾ بمباري بند ڪرڻ ۽ اسرائيل تي پابنديون لڳائڻ جا مطالبا ڪيا جڏهن ته مظاهرين طرفان وائٽ بال روڊ تي نماز پڻ ادا ڪئي وئي ٻئي طرف اٽلي، جرمني، آسٽريا، مصر ۽ تيونس ۾ به مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته ترڪيه جي شهر استنبول ۾ غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف عورتن ڌرڻو هنيو.