اسرائيلي جيٽ جهازن جي غزه تي بمباري دوران ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا آهن شهيد فلسطينين جوا نگ 7 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته اسرائيلي بمباري سبب غزه جون انٽرنيٽ ۽ فون سروسز معطل ٿي ويون آهن. غزه جو ٻين ملڪن سان رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آهي عرب ميڊيا موجب غزه ۾ اسرائيل جي بمباري سڄي رات جاري رهي. اسرائيلي فوجين فلسطينين خلاف وائٽ فاسفورس جو استعمال ڪيو. اسرائيل غزه جي پٽي تي وڏي پيماني تي فضائي زميني ۽ سامونڊي حملا ڪري رهيو آهي اسرائيلي فوج جا ٽينڪ فلسطينين جي گهرن تي گولا باري ڪري رهيا آهن. اسرائيلي فوجين غزه ۾ ڪارروائي دوران پنهنجي ٽينڪن جا فوٽيج پڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيا آهن حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز بيان ۾ چيو آهي ته اسان جا ويڙهاڪ اسرائيلي فوج سان وچ اوڀر غزه جي قصبي بيت حنون ۽ وچين پٽي بريج ۾ چڪرين جو سلسلو جاري آهي. اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي لاءِ راڪيٽ حملا ڪيا ويا آهن اسرائيلي فوج حماس جي فضائي ڪارروائي جي انچارج کي نشانو بنائڻ ۽ ڏکڻ لبنان ۾ بمباري جي دعويٰ پڻ ڪئي. القسام بريگيڊ سوشل ميڊيا تي چيو ته اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي ۾ راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيلي فورسز غزه ۾ طاقت سان گڏ آپريشن ۽ وحشياڻي بمباري شروع ڪري ڏني آهي جنهن جي نتيجي ۾ غزه جي پٽي ۾ مواصلاتي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيلي طرفان انٽرنيٽ ۽ ٻيا مواصلاتي رابطا بند ڪرڻ کان پوءِ غزه جو دنيا سان رابطو لاڳيتو ڪاٽا آهي.