اسرائيل جي زميني فوج وڏي تعداد ۾ فوجي ٽينڪن سان گڏ غزه شهر ۾ داخل ٿي وئي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته حماس پاران يرغمال بڻايل ڪيترن ئي اسرائيلي شهرين جا لاش مليا آهن. اسرائيل طرفان غزه ۾ پمفليٽ ذريعي شهرين کي 24 ڪلاڪن اندر غزه مان نڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي وئي پر حماس اسرائيلي ڌمڪي کي رد ڪندي غزه شهر کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو غزه مان لڏ پلاڻ ڪندڙ فلسطينين جي ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. اولهندي پٽيءَ ۾ غزه واسين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 16 ڄڻا مارجي وياهوڏانهن گڏيل قومن به اسرائيل طرفان غزه جي ماڻهن کي ڏنل الٽيميٽم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن چيو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ نئين انساني بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿي. آمريڪي دفاع واري وزير لانڊ آسٽن اسرائيلي وزيردفاع سان ملاقات ڪندي فلسطينين کي غزه مان نڪرڻ جو اسرائيلي مطالبو ورجائيندي چيو حماس فلسطينين جي نمائنده تنظيم نه آهي ٻئي طرف غزه تي جاري اسرائيلي بمباري ۾ ساڍن 5 سئو ٻارن سميت هينئر تائين 18 سئو 43 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ساڍا 7 هزار زخمي ٿي پيا آهن. مغربي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج ۽ آبادڪارن جي فائرنگ سبب 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا اسرائيل تي حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 13 سئو کان وڌي ويو آهي. اسرائيلي فوج طرفان لبنان ۾ پريس جي گاڏي تي ميزائيل حملي ۾ برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي جو ڪيمرا مين شهيد ٿي ويو جڏهن ته عرب ٽي وي جي رپورٽر سميت 5 صحافي زخمي ٿي پيا آهن لبنان ۾ حزب الله اسرائيلي فوج جي حملن کان پوءِ جوابي ڪارروائي ڪندي چئن اسرائيلي چوڪين کي نشانو بنايو آهي.