اسرائيل تي ايران جو حملو: بين الاقوامي برادري جو ردعمل

سعودي عرب

سعودي پرڏيهي وزارت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تڪرار وڌيو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، سلامتي ڪائونسل عالمي امن لاءِ حساس ترين خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي.

سعودي عرب جنگ جي خطرن کان بچڻ لاءِ سمورين ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

چين

چين جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال جو سبب غزه تڪرار آهي، اسرائيل ۽ حماس جنگ بندي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

آمريڪا
آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته هن قومي سلامتي ٽيم سان ايران جي اسرائيل خلاف حملن بابت ملاقات ڪئي آهي، ايران ۽ ان جي اتحادين جي خطرن خلاف اسرائيل جي سلامتي لاءِ پرعزم آهيون.

برطانيه

برطانوي وزيراعظم رشي سينڪ چيو آهي ته ايراني حملي سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام جو خدشو آهي، برطانيا اسرائيل سميت سمورن علائقائي ڀائيوارن جي سلامتي لاءِ بيٺو آهي، مصري پرڏيهي وزير چيو آهي ته ايراني حملي سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي اسرائيل تي ايران جي جوابي حملي ۾ انتهائي تحمل.