اسرائيل جا ايران تي فضائي حملا، تهران، شيراز ۽ ڪرج ۾ ڌماڪا، ايران تصديق ڪري ڇڏي

اسرائيل پهرين آڪٽوبر جي ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملن کان پوءِ جوابي ڪارروائي ڪندي ايراني گادي واري شهر تهران، شيراز ۽ ڪرج تي هوائي حملو ڪري ڇڏيو.ايران جي سرڪاري ميڊيا تهران ۾ ڌماڪن جي تصديق ڪندي چيو ته تهران ۽ انهي جي ڀرپاسي واري شهر ڪرج ۾ 5 ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. عرب ميڊيا موجب پاسداران انقلاب جي هيڊ ڪوارٽر جي ڀرسان ڌماڪا ٻڌا ويا. جڏهن ته تهران تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي باهه لڳي وئي هئي. تهران ۾ هڪ عمارت ۾ باه لڳڻ جون به رپورٽون سامهون آيون هيون پر تهران جي فائربرگيڊ کاتي واضح ڪيو هو ته انهي عمارت جو دفاع واري وزارت سان ڪوبه تعلق نه آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب ايران جي سيڪيورٽي نظام بابت اهم عمارت ۾ مبينه طور تي ڌماڪي جي اطلاع آهي. دعويٰ ڪيو ويو هو ته جنهن عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو آهي اها تهران ۾ آهي ۽ انهي عمارت مان 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب ڪرج اهو شهر آهي جتي ايران جي نيو ڪليئر پاور پلانٽ کي نشانو بنايو ويو آهي. اسرائيل طرفان ايران تي حملي کان اڳ وائٽ هائوس کي آگاهي ڏني وئي هئي.