اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب غزه ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطنين جو انگ 2800 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته تباهه ٿيل عمارتن ۾ هزارين فلسطيني ملبي هيٺيان دٻيل آهن اسرائيل وڌيڪ 21 اسپتال خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي اسرائيلي فوج طرفان غزه تي ميزائل فائر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. اسرائيل حماس جي انٽيليجنس چيف کي به شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي حماس دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ ڪلاڪ دوران اسان اسرائيل جي شهر تل ابيب ۽ والاريل بيت المقدس ۾ ميزائلن جا نوان حملا ڪيا آهن. جڏهن ته اترين سرحد تي حزب الله جي ڪارروائين ۾ ڪيمرائن ۽ سينسرز لڳل هڪ ٽاور کي به نشانو بنايو ويو آهي ان کان علاوه اسرائيلي فوج جو هڪ ٽينڪ تباهه ۽ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو جنهن جي تصوير به حزب الله سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف اسرائيلي جارحيت سبب 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جڏهن ته غزه ۾ پاڻي ۽ خوراڪ به ختم ٿي ويو آهي. بک، پاڻي جي اڻاٺ ۽ بجلي نه هجڻ سبب وڌيڪ فلسطينين جي فوت ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن هوڏانهن گڏيل قومن طرفان چيو ويو آهي ته انساني زندگي جي سوچ ختم ٿي رهي آهي. ڏکڻ غزه طرف لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ وڏي انساني بحران جو بڻجي سگهي ٿي. غزه ۽ مصر وچ ۾ لڏ پلاڻ جي لاءِ صرف رفاهه جي ڪراسنگ آهي جنهن کي پار ڪرڻ جي لاءِ خصوصي اجازت نامو گهرجي.