اسرائيل غزه جي القدس اسپتال کي خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ کان پوءِ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ان جي ڀرپاسي جي علائقن تي بمباري ڪري ڪيترين ئي عمارتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هڪ مسافر بس کي به نشانو بنايو ويو آهي عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل جي بمباري ۾ القدس اسپتال جو هڪ حصو ڪري پيو جڏهن ته ڀرپاسي جون ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون. گذريل 23 ڏينهن جي دوران اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 8 هزار 5 ٿي ويو آهي جڏهن ته 20 هزار کان مٿي زخمي آهن حماس جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فورسز غزه جي ڏاکڻي علائقي ۾ مسافر بس تي بمباري ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته زخمي پڻ ٿيا آهن. حماس طرفان اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويل بس مسافرن جو انگ ناهي ٻڌايو ويو. اهڙي حملي جي جواب ۾ حماس جي القسام بريگيڊز به اسرائيل تي حملا ڪيا ٻئي طرف اسرائيلي خابرو اداري حماس جي 20 ويڙهاڪن کي سرنگن مان نڪري پيشقدمي دوران جوابي ڪارروائي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اسرائيل اڄ مغربي ڪناري تي حملو ڪيو جنهن ۾ 3 نوجوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته اسرائيل هاڻ غزه تي فضائي بمباري سان گڏوگڏ بري حملا به ڪري رهيو آهي.