اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو جو عوامي شڪايتن تي اسڪولن ۽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جا دورا ٻارن کي ڪتابون نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو شاهه محمد بلوچ عوامي شڪايتن تي اوچتو گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول اوٻاوڙو ۽ گورنمينٽ بوئز هائير سيڪنڊري اسڪول اوٻاوڙو جو دورو ڪيو جٿي شاگردن کان سوال ۽ مسئلا مسائل پڇا ڪيا جنهن تي ڪتابون گهٽ هجڻ جي شڪايت ٿي جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ڊي او ايجوڪيشن گهوٽڪي مظفر شاهه کي فون ڪري هدايتون ڏنيون ته جلد کان جلد شاگردن کي ڪتابون فراهم ڪيون وڃن اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جو به جائزو ورتو جنهن بعد اتي موجود اوٻاوڙو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو به ڊسٽرڪٽ ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان جي هدايتن تي وزٽ ڪيو ان موقعي تي تعلقه ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اوٻاوڙو جي صدر امجد علي گنب صحافي عبدالواحد ملڪ صحافي عبدالحئي ڇڄڻ ۽ سوشل ورڪر صالح محمد گورگيج اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو کي اسٽيڊيم ۾ بنيادي سهولتن جي فقدان ۽ اسٽيڊيم ملازم چوڪيدار نه هجڻ باڀت بريف ڪيو جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ٽائون ڪميٽي اوٻاوڙو ٽي ايم او کي هدايتون ڏنيون ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم اوٻاوڙو کي جلد کان جلد فعال ڪيو چوڪيدار ۽ مينٽيننس لاءِ ٽائون جا ملازم ڏنا وڃن جيئن اتي رانديون ٿين ۽ اسٽيڊيم آباد ٿئي نوجوان راند ڪن ۽ شهر وارن کي تفريح ملي سگهي ان وڌيڪ چيو ته اوٻاوڙو شهر جي ذخيرا اندوزن ۽ بازارن جي فٽپاتن تي قبضا مافيا کي ڪنهن صورت بخش ڪون ڪندس انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندس ۽ شهر جون بازارون صاف سٿريون ۽ ڪشاديون بڻائندس