اسلام آباد، پشاور ۽ سوات سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. شروعاتي رپورٽن موجب خيبرپختونخواهه جي پشاور، مردان، ڪوهاٽ، سوات ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ان کان علاوه مظفر آباد شهر، لوئر دير ضلعي، مالاڪنڊ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.3 هئي، زلزلي جي گهرائي 130 ڪلوميٽر زير زمين هئي ۽ مرڪز افغانستان-تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو. زلزلي سبب ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا رهيا، في الحال زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.