اسلام آباد ۾ حڪومت بجلي جي بلن تي سبسڊي جي فراهمي کي شفاف بڻائڻ ۽ ان جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ نئون ڊجيٽل “QR ڪوڊ سسٽم” متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
تفصيلن موجب وفاقي “ڪراس سبسڊي پروگرام 2026” تحت هن قدم جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته سرڪاري رعايت صرف مستحق ۽ اهل صارفين تائين پهچي.
پاور ڊويزن جي عملدارن مطابق هن نظام تحت مهيني ۾ 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين جي بلن تي خاص QR ڪوڊ شامل ڪيو ويندو.
عملدارن جو چوڻ آهي ته هن نظام جو مقصد هڪ ئي گهر ۾ ڪيترن ميٽرن ذريعي بار بار سبسڊي حاصل ڪرڻ جهڙي غلط استعمال کي روڪڻ آهي ۽ رعايت صرف گهٽ آمدني وارن تائين محدود ڪرڻ آهي.
رجسٽريشن جو طريقو
صارف پنهنجي بجلي جي بل تي موجود QR ڪوڊ اسڪين ڪندا، جيڪو کين سڌو سرڪاري پورٽل ڏانهن وٺي ويندو. اتي 14 عددن جو ريفرنس نمبر ۽ شناختي ڪارڊ جي تفصيل داخل ڪرڻي پوندي، جڏهن ته تصديق لاءِ موبائل تي او ٽي پي (OTP) موڪليو ويندو.
سڀ مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد رجسٽريشن مڪمل ٿي ويندي.
عملدارن هدايت ڪئي آهي ته صارف يقيني بڻائين ته بل تي لکيل نالو ۽ شناختي ڪارڊ جو نالو هڪجهڙو هجي ته جيئن ڪنهن به مسئلي کان بچي سگهجي.
سهولت مرڪز
جن ماڻهن وٽ اسمارٽ فون نه آهن يا جيڪي هن نظام کان واقف ناهن، انهن لاءِ ضلعي انتظاميا (ڊپٽي ڪمشنر) آفيسن ۽ يونين ڪائونسل سطح تي فيسيليٽيشن ڊيسڪ ۽ هيلپ ڪئمپ قائم ڪيا ويا آهن.
ان کان علاوه QR ڪوڊ اسڪين نه ٿيڻ جي صورت ۾ صارف سڌو سرڪاري پورٽل تي وڃي به پنهنجو رجسٽريشن مڪمل ڪري سگهن ٿا.
پاور ڊويزن موجب هي نظام سبسڊي جي ورڇ ۾ شفافيت، بهتر ڪارڪردگي ۽ مستحق خاندانن تائين سڌو رليف پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔