آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهيون ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل شيراز احمد رانجها اسپيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت اسلام آباد جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين جي آڏو پيش ٿيو عدالت ريمارڪس ڏنا ته اڃان تائين اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ طرفان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪرڻ جي حوالي سان ايس او پيز نه پهتيون آهن، جڏهن ايس او پيز اينديون ڏسي وٺنداسين. جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته اڄ به ايس او پيز نه آيون آهن اوهان چئو ته مان عدالت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ورزش جي لاءِ سائيڪل ڏيڻ چاهيون ٿا جنهن تي جج چيو ته سائيڪل جي حوالي سان ته مان اڳ ئي جيل اختيارين کي چئي چڪو آهيان وڪيل ٻڌايو ته جيڪڏهن اجازت ڏيو ته سائيڪل اڄ ئي ڏئي سگهون ٿا جج ريمارڪس ڏنا ته مان چاهيان ٿو ته سائيڪل جو غلط استعمال نه ٿئي. ائين نه ٿئي ته سائيڪل جيل سپرنٽينڊنٽ هلائيندو رهي. جيل مينوئل به ڏسڻو پوندو آهي. اسان جي لاءِ انڊر ٽرائيل جوابدار جي سيڪيورٽي اهم آهي. وڪيل چيو ته جيڪڏهن خدشا آهن ته هڪ ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيو جنهن جي نگراني ۾ سائيڪل استعمال ٿئي جج چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چوي ٿو ته ماني گهر کان گهرائي وڃي پر ان جي ذميواري ڪير کڻندو؟ جيڪڏهن ماني جيل ۾ تيار ٿئي ٿي ته ان جون جيل اختياريون ذميوار هونديون آهن. مان سائيڪل واري معاملي تي آرڊر جاري ڪريان ٿو معاملي کي حل ڪري ٿا ڇڏيون جنهن کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ خصوصي عدالت جي جج پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت عمران خان جي درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو ته سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل واٽس ايپ ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي.