اسلام آباد جي عدالت ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي بري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :جي عدالت ادارن ۾ نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام اباد طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب جي 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ 27 فيبروري تي ڏنو ويو هو جيڪو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. الزام ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪوبه پڪو ثبوت موجود نه آهي جيڪو ريمانڊ جي لاءِ ڪافي هجي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي اڄ 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.ڪيس جي ٻڌڻي دوران امجد شعيب جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته قلم 505 جي تحت هي ڪيس بڻجي ئي نٿو. سمورو روڄ پٽڪو چونڊون ڪرائڻ بابت هو، هاڻ ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن پهريان فيصلو اچي وڃي ها ته اهڙو پروگرام ٿئي ئي نه ها.امجد شعيب جي وڪيل ڪيس ڊسچارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي. پراسيڪيوٽر امجد شعيب کي ڊسچارج ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. جنهن کان پوءِ ايڊيشنل سيشن جج طاهر سِپرائي امجد شعيب کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.