تفصيلن موجب اسلام آباد جي عدالت ۾ 27 يوٽيوب چينلز جي بندش واري فيصلي خلاف داخل ٿيل اپيل تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوکه ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي جو موقف ٻڌو، جنهن ۾ چيو ويو ته قانوني ضابطن تي عملدرآمد کان سواءِ چينلز بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا هئا. عدالت ان تي ٻه يوٽيوب چينلز جي حد تائين بندش جو حڪم عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو ياد رهي ته عدالت اڳ ۾ ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ 27 مشهور يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا هئا. حڪم نامي ۾ چيو ويو هو ته عدالت شواهد جي بنياد تي هن معاملي کي پيڪا ايڪٽ ۽ پاڪستاني تعزيرات تحت سزا جوڳو ڏٺو آهي عدالت پنهنجي حڪم ۾ يوٽيوب جي انچارج آفيسر کي هدايت ڪئي هئي ته انهن ستاويهه چينلز کي مڪمل طور تي بند ڪيو وڃي. انهن چينلز ۾ مطيع الله جان، صابر شاکر، عبدالقادر، حيدر مهدي، عمران رياض، اوريا مقبول جان، مخدوم شهاب الدين، وجاهت سعيد خان، ساجد گوندل، اسد طور، صديق جان ۽ ان سان گڏ پاڪستان تحريڪ انصاف، نيا پاڪستان ۽ ڊيلي قدرت جا چينلز به شامل آهن.