اسلام آباد :جي مقامي عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور ڪئي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اعتراض ڪندي چيو ته درخواست ۾ ڪي به پڪا سبب ناهن ٻڌايا ويا ٽرائل هلي رهيو هجي ته جوابدار کي موجود هجڻ گهرجي. جوابدار کي حاضري يقيني بنائڻ جي حوالي سان مثبت ڊائريڪشن ڏني وڃي جج پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار سومر تي عدالت ۾ پيش ٿي ويندو بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سومر جي ڏينهن ڪوئٽه ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ عمران خان هن عدالت ۾ پيش ٿي وڃي جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪارروائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي