اسلام آباد جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل، هٿياربندن سميت 25 گرفتار

اسلام آباد: پوليس جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪري ورتو.پوليس موجب ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو ۽ هجوم مان ڪلاشنڪوف ۽ ٻين هٿيارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ٻڌايو ته منصوبي تحت جڊيشل ڪامپليڪس ۽ هاءِ ڪورٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي.پوليس موجب سياسي جماعت جا اڳواڻ هجوم جي قيادت ڪري رهيا هئا، هجوم کي نقصان لاءِ اڪسايو ويو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرائي وئي، جڊيشل ڪامپليڪس ۾ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، پوليس حڪمت عملي سان هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙن امڪاني قدمن کي روڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته 25 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، وڌيڪ گرفتارين لاءِ مختلف صوبن ۾ پوليس ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف 4 ڪيسن جي اڄ اسلام آباد جي مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هئي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي ڪيس ۾ عمران خان جي اي ٽي سي ۾ ضمانت منظور ٿي، جڏهن ته بئنڪن ڪورٽ ۾ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت ڪنفرم ٿي.توشا خانا ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج عدم پيشي تي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.