ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم ٿڌو ٿي ويو موسميات کاتي وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات پئي جنهن سبب موسم ٿڌو ٿي ويو آهي موسميات کاتي 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، پنجاب مٿانهين سنڌ، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ برسات جڏهن ته اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي
موسميات کاتي موجب سنڌ جا مختلف علائقا به مغربي هوائن جي سلسلي جي اثر هيٺ آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي