اسلام آباد: عورت جج کي ڌمڪائڻ جو ڪيس، عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري استدعا رد

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪائڻ جي ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي پراسيڪيوٽر جي استدعا رد ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ عمران خان طرفان عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل نعيم پنجوتها ۽ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا عمران خان طرفان طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عمران خان جي صحت اجازت نٿي ڏئي ته اسلام آباد اچي ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي پراسيڪيوٽر عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي اعتراض ڪندي چيو ته پنهنجي ئي اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ لڳائي عمران خان پيش نه پيو ٿئي. شوڪت خانم اسپتال ته ڪينسر جي اسپتال آهي، عمران خان جو مسئلو ڌار آهي. عمران خان کي فريڪچر سبب سوڄ ٿي آهي، عدالت عمران خان کي ڏاڪڻون چڙهي اچڻ جو ناهي چيو. هو عدالت جي ٻاهر اچي، اتي به سندس حاضري لڳائي سگهجي ٿي پراسيڪيوٽر چيو ته عمران خان جا ضمانتي مچلڪا رد ڪري گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. پراسيڪيوٽر عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي به مخالفت ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جنهن کي ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائڻ کان پوءِ پراسيڪيوٽر جي استدعا رد ڪري ڇڏي
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي