اسلام آباد : لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلو

اسلام آباد : لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد، ۽ ڀرپاسي کان علاوه مري، لاهور، گوجرانوالا، جهلم، حافظ آباد، چيچا وطني، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُالدين، شڪر ڳڙهه، ظفر وال، سيالڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا.خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي جا جهٽڪا سوات، صوابي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ مظفر آباد، دهير ڪوٽ، سماهني، باغ، وادي نيلم ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي شدٽ ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جي گهرائي 18 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جي ڪري ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.