اسلام آباد: پاڪستان چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي ثالثي عدالت جي فيصلي کي رد ڪري پنهنجين ذميوارين کان پاسو نٿو ڪري سگهي، ۽ پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان طئي ٿيل ضاب��ا ۽ مفهمتي ياداشت پنهنجي پوري طاقت سان اثرائتي آهي، جنهن تي عمل درآمد ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي.
ترجمان جو اهو پڻ چوڻ هو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ پائيدار امن ۽ تڪندن جي پرامن حل جو حامي رهيو آهي، ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري عالمي قانونن تحت هر ملڪ تي فرض آهي.