اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جنرل باجوه ۽ جنرل فيض حميد خلاف داخل ڪيس جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ ۾ جنرل باجوه ۽ جنرل فيض جي خلاف رٽائرمينٽ کان پوءِ قانوني رڪاوٽون ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽس کي غلط بياني ڪرڻ جو ڪيس ملتوي ڪيو ويو هاءِ ڪورٽ ۾ جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جنرل فيض حميد جي خلاف داخل ڪيل ڪيس لسٽ مان ڪينسل ڪيو ويو. داخل ڪيس جي درخواست 28 نومبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر هئي. هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ موجب هن ڪيس کي ڪينسل ڪري لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي چيف جسٽس عامر فاروق کي شهري عاطف علي جي درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪرڻي هئي، شهري جنرل باجوه، جنرل فيض حميد ۽ ٻين جي خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري رکي آهي داخل ڪيل ڪيس جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي، جنرل(ر) قمر جاويد باجوه ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.