اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ وفاقي ڪابينه کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي، صحت ۽ ملڪ واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي ڪابينه کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو جسٽس سردار اسحاق چيو ته موڪليون ختم ٿيڻ کان پوءِ پهرين ورڪنگ ڊي تي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ٿيندي. اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي جج جو روسٽرم چيف جسٽس آفيس هينڊل ڪندو آهي، حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي، جج جيڪڏهن چاهي به ته موڪلن ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي جسٽس سردار اعجاز اسحاق چيوته منهنجون موڪلون اڄ کان شروع ٿيون هيون، مون فوزيه صديقي ڪيس ٻين ڪيسز سان اڄ مقرر ڪيو هو، مون کي خميس تي ٻڌايو ويو ته ڪاز لسٽ جاري نه ٿيندي. جڏهن ته ڪاز لسٽ ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهجي. مون پرسنل سيڪريٽري کي چيو ته ڪاز لسٽ جي حوالي سان چيف جسٽس کي درخواست لکندس جج وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس کي 30 سيڪنڊ به درخواست تي صحيح ڪرڻ جي لاءِ نه مليا، ماضي ۾ ججز جو روسٽرم مخصوص ڪيسز جي فيصلن جي لاءِ استعمال ٿي چڪو آهي، فوزيه صديقي پاڪستان جي ڌيءَ آهي، اپيل سپريم ڪورٽ ۾ مقرر آهي، جج موڪلن جي ڏينهن عدالت ۾ انصاف ڏيڻ جي لاءِ ويهڻ چاهي ٿو جسٽس سردار اعجاز اسحاق ريمارڪس ڏنا ته هڪ ڀيرو ٻيهر ايڊمنسٽريٽو پاور کي جوڊيشل پاور جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، مان انصاف کي شڪست ڏيڻ نه ڏيندس. هاءِ ڪورٽ جي عزت کي برقرار رکڻ جي لاءِ مان پنهنجي جوڊيشل پاورز جو استعمال ڪندس، روسٽرم تبديل ڪرڻ جي حُالي سان پرسنل سيڪريٽري ٻڌايو هن وڌيڪ چيو ته مون پرسنل سيڪريٽري کي چيو چيف جسٽس کي خط اماڻي ڇڏيو ڇو ته اڄ ڪجهه ڪيسز مقرر هئا، فوزيه صديقي جو ڪيس ڌار نوعيت جو آهي. مون چيو هو ته رپورٽ نه آئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪندس وڪيل عمران شفيق چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي اسٽي وٺڻو هجي ته هن وقت بينچ به بڻجي وڃي. اسان کي خبر آهي ته ڪيئن هاءِ ڪورٽ هلي رهي آهي، اوهان جو آرڊر موجود آهي ڪيس اوهان جي عدالت ۾ اڄ مقرر آهي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق ريمارڪس ڏنا ته خبر ناهي اڃان تائين اوهان جو ڪيس ڪيئن سپريم ڪورٽ ۾ ناهي لڳو، وڪيل عمران شفيق چيو ته سپيم ڪورٽ ۾ ڪيس نه لڳندو ڇو ته اتي جسٽس منصور علي شاهه موجود آهي، ڪيس تڏهن لڳندو جڏهن ججز جو روسٽر تبديل ٿي وڃي.