اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست تي جسٽس ارباب محمد طاهر ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران علي امين گنڊاپور جو وڪيل ايڊووڪيٽ شير افضل مروت عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته علي امين گنڊاپور تي داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل ڏنا وڃن. عدالت ڌرين کي جمعي جي ڏينهن تائين علي امين گنڊاپور خلاف داخل ڪيسن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.