اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حڪم جاري ڪيو.عدالت فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 2 وڌيڪ ڪيسن ۾ کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. آزاد ٿيڻ کان پوءِ فواد چوڌري هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي هڪ ٻئي کي گنجائش ڏيڻي پوندي مان سمجهان ته هر طرف کان صبر جو مظاهرو ٿيڻ گهرجي. ڪو حل ڪڍڻ گهرجي، ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ملڪ وڌيڪ پابنديون برداشت نٿو ڪري سگهي.صحافين سان ڳالهين کان پوءِ فواد چوڌري جيئن ئي گهر واپسي جي لاءِ گاڏي ۾ ويٺو ته پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس کان بچڻ جي لاءِ فواد چوڌري گاڏي مان ڀڄي ٻيهر عدالت جي ڪمري ۾ پهچي ويو. ڀڄڻ دوران فواد چوڌري ڪري به پيو. پر ان باوجود هو عدالتي ڪمري ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.