اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي جيل ۾ گهر واري سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فواد چوڌري جي جيل ۾ سهوليتن وڪيلن ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عدالتي حڪم تي چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپٽن(ر) انوارالحق عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ درخواست تي عمل ڪرڻ واري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي چيف ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته فواد چوڌري کي جيل ۾ بهتر ڪلاس ڏني وئي آهي. عدالت فواد چوڌري کي گهر واري سان جيل ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ڪرائڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس جيل مينوئل موجب طبي سهولتون ڏيڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جسٽس ميان گل حسن ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ صاحب درخواستگذار جو خيال رکيو وڃي. آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو کي به گهر ڀاتين ۽ وڪيلن سان ملاقات کان روڪيو ويندو هو. اهڙا واقعا اوهان جي آفيسرن لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجندا آهن.