اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن هڪ مهيني جي پگهار ترڪي ۽ شام جي زلزلي متاثرن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر متحده مجلس عمل جي ايم اين اي مولانا عبدالاڪبر چترالي انڪار ڪري ڇڏيو پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن هڪ مهيني جي پگهار زلزلي متاثرن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو راجا پرويز اشرف هڪ مهيني جي پگهار زلزلي متاثرن کي ڏيڻ جي رولنگ ڏني، جنهن تي مولانا عبدالاڪبر چترالي اسپيڪر کي پگهار ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته مون کي اعتماد ناهي، مان پگهار پنهنجي جماعت جي فلاحي تنظيم کي ڏيندس ان تي اسپيڪر ٻيهر رولنگ ڏني ته ٻين سڀني ميمبرن پنهنجي پگهار رضاڪاراڻي طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو