اسلام آباد : پيٽروليم شيم جي قيمتن ۾ 8 کان 10 روپيه لاٿ جو امڪان

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي لاٿ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ به 15 نومبر کان قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل جي عالمي قيمت ۾ لاٿ کان پوءِ پاڪستاني عوام کي به ان جو ريليف ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 15 نومبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ 8 کان 10 روپيه لاٿ جو امڪان آهي يو ايسٽ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ ڪروڊ آئل جي قيمت جولاءِ کان پوء 4 سيڪڙو گهٽ ٿي 78 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. ٻئي طرف روپئي جي قدر ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ هينئر تائين 6 روپيه جي نمايان لاٿ ٿي چڪي آهي.