سينيٽ جي قائمه ڪميٽي اڱاري تي وفاقي راڄڌاني ۾ پرامن جلسا، جلوس ڪرڻ جي بل سميت چئن بلن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته هڪ بل ملتوي ڪيو ويو آهي. سينيٽ ڪميٽي مان منظور ڪيل بل موجب اسلام آباد جي موضع سنگجاني يا ڪنهن به اهڙي علائقي ۾ جلسو يا جلوس تڏهن ڪري سگهبو جڏهن حڪومت اجازت ڏيندي، حڪومت جي اجازت کان سواءِ جلسو يا جلوس ڪرڻ يا ان ۾ شامل ٿيندڙن کي 3 سال قيد جي سزا ڏني ويندي. سينيٽ جي گهرو قائمه ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فيصل سليم رحمان جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. سينيٽر عرفان صديقي بل تي بحٿ ڪندي چيو ته اهو بل اسلام آباد جي حد تائين آهي. اڄ به اسلام آباد ۾ ڪنٽينرز لڳل آهن ۽ ماڻهو پريشان آهن، ڪابه هڪ جڳهه مقرر ڪئي وڃي جتي احتجاج ڪري سگهجي، بل آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج کي قانون موجب آندو وڃي. سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته سياسي پارٽين کان علاوه مذهبي جٿا به اچي ويندا آهن. سينيٽر ثمينه ممتاز زهري ڪميٽي اجلاس ۾ خيالن جو اطهار ڪندي چيو ته اهو قانون آڻڻ جو مقصد ڪنهن سياسي پارٽي کي ٽارگيٽ ڪرڻ نه آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته آئين ۾ پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، ڪالهه ڪشمير هاءِ وي تي جيڪو ٿيو ان کي ائين ئي کڻڻ گهرجي ها، جهڙي طرح سينيٽر مشتاق کي کنيو ويو. ڪميٽي سينيٽر مشتاق احمد جي غيرقانوني گرفتاري ۽ انهن جي گهرڀاتين سان رکيل رويي جي باري ۾ گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.