اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ اسان جو فرض آهي: آيت الله خامنائي

 ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي چيو آهي ته حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ اسان جو فرض آهي. ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ فرض آهي، صيهونين اسان کي جواز پيدا ڪري ڏنو آهي. ايراني سپريم ليڊر چيو ته اهو قتل ايران جي زمين تي ڪيو ويو، اسرائيل پنهنجو پاڻ کي سزا جو مستحق قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف ايراني صدر مشعود پزشڪيان اڄ صبح حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل تي اسرائيل کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته هنيه جي قتل جو بدلو ورتو ويندو ۽ اسرائيل هاڻ پڇتائيندو. مسعود پزشڪيان چيو ته ايران پنهنجي علاقائي سالميت ۽ عزت جو دفاع ڪندو. ايراني پاسداران انقلاب اڄ صبح پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هنيه جي قتل جو سخت ۽ دردناڪ جواب ڏنو ويندو. ايران ۽ مزاحمت جو محور انهي ڏوهه جو جواب ڏيندا. ٻئي پاسي ايراني اختيارين به چيو آهي ته اسماعيل هنيه تي قاتلاڻي حملي جي جاچ جلد سامهون آڻينداسين. ياد رهي ته اڄ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه کي ايران ۾ قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو. حماس سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسماعيل هنيه کي يهودي ايجنٽن نشانو بنايو جنهن جو بدلو ورتو ويندو. ايراني ميڊيا موجب حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه تي رات جو 2 وڳي تهران ۾ ان جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو ويو، هو ايران جي نئين صدر مسعود پزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ايران ۾ موجود هو. ايراني ميڊيا موجب اسماعيل هنيه جي تدفين جمعي تي دوحه ۾ ٿيندي جڏهن ته ان جي جنازي نماز سڀاڻي تهران ۾ ادا ڪئي ويندي.