وڌندڙ اسموگ کي مدنظر رکندي، پنجاب جي 4 ضلعن لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ ملتان ۾ اڄ کان دوڪانون ۽ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ پنجاب حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن مطابق، لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ گوجرانوالا ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد اڄ کان شروع ڪيو ويندو، جنهن تحت مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز 17 نومبر تائين رات 9 وڳي بند رهنديون.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڀني آئوٽ ڊور سرگرمين، بشمول راندين، تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. پابندين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ پنجاب انوائرنمنٽل پروٽيڪشن ايڪٽ تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.لاهور ۾ هوٽلن ۾ ڊائننگ تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي. ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريز، پيٽرول پمپ ۽ ڪريانه اسٽورز پابندي کان آجا رهندا.