الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور طرفان معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي واڪ جو انتظاممعذور اسان جي معاشري جو اهم جز آهن انهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي:مقرر

ڪنڌڪوٽ الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور طرفان معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي لئبريري چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ تائين آگاهي ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن،شاگردن توڙي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلع ڪشمور جي امير غلام مصطفي ميراڻي،الخدمت جي صدر عمر فاروق چنا،نائب صدر ڊاڪٽر خالد الاهي ڀٽو ۽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبيدالله بلوچ ڳالهائيندي چيو ته معذور شخص اسان جي معاشري جو اهم حصو آھن انهن جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي،اڄوڪي معذورن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ ھلڻ آھي ۽ الخدمت فائونڊيشن معذور ماڻھن کي معاشري جو ڪارآمد فرد بنائڻ ۽ سندن ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء پرعزم آھي ۽ هن وقت تائين ڪيترن ئي معذورن کي وهيل چيئر مهيا ڪيا ويا آھن ۽ مستقبل ۾ معذورن کي معاشري جو ڪار آمد فرد بنائڻ لاء ڪوششون ورتيون وينديون