اليڪشن ٽربيونل شيخ رشيد ۽ اعجازالحق جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا

اليڪشن ٽربيونل شيخ رشيد ۽ اعجازالحق جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن راولپنڊي جي اليڪشن ٽربيونل اعجازالحق جي نامزدگي ڪاغذن تي ريٽرننگ آفيسرن جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ راولپنڊي جي تڪ اين اي 55 تان سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا اليڪشن ٽربيونل اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جا تڪ اين اي 56 ۽ 57 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جا جهلم جي 2 سيٽن تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ٽربيونل سڀاڻي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا فواد چوڌري جي وڪيل ٽربيونل ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجي موڪل کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي لاءِ اجايو اعتراض ڪيا پيا وڃن.