پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اليڪشن ڪميشن تي اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته ملڪ شفاف چونڊن طرف وڃي رهيو آهي. پيپلزپارٽي عام چونڊن لاءِ تيار آهي مون کي اليڪشن ڪميشن تي ڀروسو آهي اها شفاف چونڊون ڪرائيندي آصف زرداري چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا چونڊون وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته يقين آهي ته 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، ملڪ جو ماحول چونڊن لاءِ سازگار آهي چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن آصف زرداري چيو ته ملڪ جو عوام پيپلز پارٽي سان محبت ڪري ٿو. پيپلز پارٽي هر ماحول ۾ چونڊون وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. انشاءَالله 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي.