اليڪشن ڪميشن جي منظوري کان پوءِ سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي اُٿل پٿل: 8 ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز تبديل

اليڪشن ڪميشن جي منظوري کان پوءِ سنڌ پوليس جي 8 ڊي آءِ جيز ۽ 31 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، سکر ڊوينز جي ڊي آءِ جيز کي به تبديل ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب طارق ڌاريجو ڊي آءِ جي حيدرآباد، تنوير احمد اوڍ ڊي آءِ جي ميرپورخاص، خادم حسين رند ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، جاويد جسڪاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جڏهن ته اظهر مهيسر کي ڊي آءِ جي اوڀر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. عاصم خان ڊي آءِ جي اولهه ڪراچي ،پرويز چانڊيو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ عبدالحميد کوسو ڊي آءِ جي سکر مقرر ٿي ويو آهي اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي درخواست کان پوءِ بدلي ۽ پوسٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جي 31 ضلعن ۾ مقرر ايس ايس پيز کي پڻ ٻين ضلعن ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي