لاهور: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران سومر يا اڱاري جي ڏينهن تي چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو ڊگهو امڪان آهن.اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز عدليه کان نه وٺڻ ۽ پنجاب جي چونڊن لاءِ رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ کي وڌيڪ خط نه لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کان ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي لسٽ گهري ورتي آهي. صوبائي اليڪشن ڪميشن اڄ لسٽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيندو. ايندڙ هفتي کان آفيسرن جي ٽريننگ جي شروعات ڪئي ويندي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي لاءِ خرچ جو اندازو لڳائي ورتو آهي. ٻنهي صوبن ۾ 30 ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ايندو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ايندڙ هفتي ناڻي واري وزارت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خط ۾ ناڻي واري وزارت کي فوري طور تي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن ناڻي واري وزارت کي 25 ارب روپيه جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندو.اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مقرري لاءِ گهرو وزارت کي ايندڙ هفتي خط لکندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر عارف علوي پنجاب اسيمبلي جون عام چونڊون 30 اپريل تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن طرفان تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کان پوءِ ڪيو.