اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سمورين نئين ڀرتين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، اهڙو اعلان وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن تي لاڳو هوندو اليڪشن ڪميشن موجب اهڙي اعلان بابت اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري نگران حڪومتن کي خط لکي ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سڄي ملڪ ۾ سمورين ڀرتين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنهن جو اطلاق وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن تي هوندو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڳوڻن وزيرن، صلاحڪار ۽ مددگارن کان سرڪاري گاڏيون واپس وٺڻ جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن کان به سرڪاري گاڏيون واپس وٺڻ ۽ رهائشگاهون خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته نگران وزيراعظم، وڏا وزير ۽ ڪابينه ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته نگران حڪومتون قانون موجب روزاني جي بنياد تي معاملا هلائينديون جڏهن ته جاري عالمي ۽ ٻطرفن معاهدن تي عمل ڪرائي سگهنديون. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري نگران حڪومتن کي پابندين بابت خط لکي ڇڏيو آهي ياد رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڊسمبر کان نگران حڪومتون قائم آهن. پي ٽي آءِ ٻنهي صوبن ۾ پنهنجون حڪومتون ختم ڪري ڇڏيون هيون. جڏهن ته وفاق ۽ سنڌ ۾ نگران حڪومتون قائم ٿي ويون آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو. ملڪ ۾ عام چونڊون نومبر تائين ٿيڻيون آهن جڏهن ته امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته چونڊن ۾ فيبروري يا مارچ تائين دير ٿي سگهي ٿي