اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 6 سيٽن تان ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب اين اي 22 مردان، اين اين 24 چارسده، اين اي 31 پشاور تان عمران خان جي سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي.انکانسواءِ اين اي 108، اين اي 118 نانڪاڻا ۽ اين اي 239 ڪراچي تان عمران خان جي سيٽ خالي قرار ڏني.اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته عمران خان اين اي 45 ڪرم تان قومي اسيمبلي جو رڪن رهندو.ياد رهي ته 16 آڪٽوبر 2022ع تي عمران خان قومي اسيمبلي جي ستن تڪن جي ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو هو ۽ هن 6 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ هڪ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.