اليڪشن ڪميشن وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني ادارن ۾ نيون مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، سرڪاري گاڏيون واپس وٺڻ ۽ اڳوڻي وزيرن، صلاحڪارن، معاونن ۽ اسيمبلي ميمبرن جا گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن نگران حڪومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني ادارن ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ٻئي طرف نگران حڪومتون موجوده بين الاقوامي ۽ ٻه طرفي معاهدا معلوم ٿيو آهي ته پوسٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ادارن ۾ ڀرتي ڪيل سياسي شخصيتن جي نوڪريون به ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم، وڏن وزيرن ۽ ڪابينا ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن تي اثرانداز ٿيندڙ آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين کي خط لکي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪمشنرن، آر پي اوز ۽ سي پي اوز، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊي پي اوز، ايس ڊي پي اوز، اي ڊي سي آرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي تبديل ڪيو وڃي، اليڪشن تي اثرانداز ٿيندڙ وفاقي سيڪريٽرين کي به تبديل ڪيو وڃي اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانسواءِ وفاقي حڪومت ۾ بدليون ۽ مقرريون نه ڪيون وڃن، تنهن ڪري وفاق ۽ صوبن ۾ انتظامي تبديليون ڪيون پيون وڃن، چونڊن تي اثرانداز ٿيندڙ سمورن انتظامي آفيسرن کي تبديل ڪيو وڃي