اليڪشن ڪميشن ٽربيونل قائم ڪري ڇڏيا آهن

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پشاور هاءِ ڪورٽ جا 5 جج ٽربيونل جج طور اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندا. لاهور هاءِ ڪورٽ جا 9 جج ٽربيونل جج طور اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا 2 جج ٽربيونل جج طور ٻڌڻي ڪندا جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 6 جج نامزدگي ڪاغذن ۽ اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندا نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ٽربيونلز 3 کان 10 جنوري تائين اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندا اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. مسلم ليگ (ن) چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي نامزدگي ڪاغذن جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ جي درخواست ڪئي آهي.