90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن 11 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ بابت ڪيس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن اليڪشن ڪميشن جي اختيارين، اٽارني جنرل ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيا. پيپلز پارٽي جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ به عدالت ۾ پيش ٿيو پي ٽي آءِ جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر دليل جي شروعات ۾ چيو ته پنهنجي استدعا کي صرف هڪ نقطي تائين محدود ڪندس، استدعا آهي ته چونڊون ٽائيم موجب وقت تي ٿيڻ گهرجن. وڪيل علي ظفر چيو ته عدالت پيپلز پارٽي کي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي اجازت ڏئي چڌي آهي. چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرايون وڃن. ان تي چيف جسٽس چيو ته اوهان جي 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي استدعا ته هاڻ غير موثر ٿي چڪي آهي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان بنيادي انساني حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته عوام جي راءِ ڄاڻڻ کان بهتر ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته هاڻ اوهان صرف چونڊون چاهيو ٿا” ان تي وڪيل علي ظفر چيو ته جي اسان چونڊون چاهيون ٿا. چيف جسٽس چيو ته مون کي نٿو لڳي ته ان جي ڪوبه مخالفت ڪندو. ان دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان مخالفت ڪندو؟ جنهن جو جواب اٽارني جنرل انڪار ۾ ڏنو چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا اها تاريخ ڏيڻ لاءِ صدر کي وزيراعظم کي مشورو وٺڻ ضروري آهي، ان تي وڪيل علي ظفر چيو ته مشورو وٺڻ ضروري نه آهي. صدر جو پنهنجو آئيني فرض آهي ته اهو تاريخ ڏئي جسٽس اطهر من الله چيو ته چيو ته ڇا صدر چونڊن جي تاريخ ڏني آهي، وڪيل علي ظفر چيو ته منهنجي راءِ ۾ صدر تاريخ ڏئي ڇڏي آهي پر اليڪشن ڪميشن ان تي چيو آهي ته اهو صدر جو اختيار نه آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا اهو خط ڏيکاري سگهو ٿا جنهن ۾ صدر تاريخ ڏني. جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر کي تاريخ جو حڪم ڏيڻو آهي. حڪومت جو ڪم ان کي نوٽيفاءِ ڪرڻ آهي. چيف جسٽس ٻيهر چيو ته صدر جنهن خط ۾ تاريخ اهو اهو ڪٿي آهي؟ ان تي وڪيل علي ظفر صدر جو خط پڙهي ٻڌايو چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي تاريخ ڏني، جنهن تي وڪيل اليڪشن ڪميشن سجيل سواتي ٻڌايو ته ملڪ ۾ عام چونڊون 11 فيبروري تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول بابت سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته 29 جنوري تي تڪ بندين سميت سمورا انتظام مڪمل ٿي ويندا ۽ 11 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون.