اميد آهي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير اتفاق راءِ سان مقرر ڪيو ويندو

مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير اتفاق راءِ سان مقرر ڪيو ويندو. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گورنر منهنجي مشوري تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، 4 سال 11 مهينن کانپوءِ اسيمبلي ٽوڙي وئي، اعتماد جو مظاهرو ڪرڻ تي قيادت جو شڪر گذار آهيان هن چيو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان مشاورت ٿيندي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي لاءِ 3 ڏينهن جي مشاورت جاري آهي. نالن تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو، ڪميٽي وٽ نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ 3 ڏينهن جو وقت هوندو مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو سنڌ جي وڏي وزير تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت غير جمهوري قدم کنيا، چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪراچي آيو، پوءِ وڏي وزير کي خبر ئي نه پئي ته وزيراعظم اچي رهيو آهي. گذريل حڪومت ۾ اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون ويون، اسان جي حڪومت جا 5 سال سڀ کان ڏکيا هئا، ماضي ۾ آيل ٻوڏ دوران وفاقي حڪومت طرفان امداد صفر هئي ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ٽوڙي وئي هئي جنهن بعد صوبائي ڪابينا به ٽوڙي وئي هئي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي صوبائي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ الوداعي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته مون سميت منهنجي ڪابينا ۽ پارٽي جا سمورا ايم پي ايز عزت ۽ احترام سان واپس وڃي رهيا آهن ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي. هن جي صلاحيتن جي مطابق.