ڪراچي: منشيات ڪيس ۾ گرفتار هاءِ پروفائل ملزمه انمول عرف پنڪي جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران غيرمعمولي حفاظتي انتظام ڪيا ويا. پوليس موجب انمول پنڪي کي بااثر گروپن، مبينا ڊونرز ۽ منشيات مافيا کان جان جا خطرا آهن، تنهن ڪري حساس جاچ سبب سندس حفاظت وڌائي وئي آهي۔پوليس ذريعن مطابق پنڪي جي نگراني لاءِ 40 کان وڌيڪ اهلڪارن تي ٻڌل خاص ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بغدادي ٿاڻي ڀرسان اسنائپرز به تعينات ڪيا ويا آهن۔ جاچ دوران انمول پنڪي سميت ٽن ماڻهن کي حراست ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته 6 کان وڌيڪ بي نامي اڪائونٽن ۽ ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشنز جا ثبوت سامهون آيا آهن۔