چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته اسان جو سسٽم انٽرنيٽ سان جڙيل نه آهي بندش سان ڪوبه فرق نه پوندو اليڪشن ڪميشن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته موبائل سروس بند ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي ڏٺيون. انٽرنيٽ بند ٿيڻ سان اسان جي سسٽم تي ڪوبه فرق نه پوندو چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن پوري طرح تيار آهي. چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون ووٽر پنهنجي مرضي جي اميدوار کي آزادي سان ووٽ ڏين. چونڊون قومي فرض آهي اسان سڀني کي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جا 2 واقعا ٿيا آهن جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. امان امان جي ڪري ادارن طرفان انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميشن پنهنجون سفارشون ڏئي سگهي ٿو پر ڪميشن کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ سروس جي بحالي لاءِ هدايتون نٿا ڏئي سگهون.