سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت جي وڪيل کي لاڳاپيل اٿارٽيز کان هدايتون وٺي 12 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد شهري نديم سرور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جو موقف آهي ته ملڪ ۾ بنا ڪنهن نوٽيس ۽ سبب ٻڌائڻ جي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس بند ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڪاروبار سان گڏوگڏ هر شعبو متاثر ٿي رهيو آهي، انٽرنيٽ بند ڪرڻ بنيادي حقن جي به ڀڃڪڙي آهي. انٽرنيٽ جي مبينه بندش سبب ٿيندڙ نقصانن طرف ڌيان ڏياريندي چيو ويو آهي ته پاڪستاني ڪمپنيون ۽ نوجوان اربين روپيه آءِ ٽي مان ڪمائي رهيا آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته وفاقي حڪومت جو انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ملڪ ۾ انٽرنيٽ کي مڪمل ۽ فوري طور تي بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.