انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو

ملڪ: ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر وڌڻ جو رجحان جاري آهي انٽر بئنڪ ۾ 13 هين ڏينهن به ڊالر جو اگهه گهٽيو ۽ ڊالر هڪ رپيو 2 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ 291.76 رپين جو ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 2 رپيا 50 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 293 رپين 50 پئسن جو ٿي ويو آهي.